پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست

ويلنگٽن (ويب ديسڪ)پاڪستان ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي نيپئر ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 173رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستان  جي محمد رضوان جي بهترين بيٽنگ سبب پاڪستان گهربل حدف 2 بال اڳ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو. قومي ٽيم طرفان محمد رضوان ۽ حيدر علي گذريل ٻن ٽي ٽوئنٽي جي مقابلي ۾ ٽيم کي 40 رنسن جي شروعات ڏني.حيدرعلي 11 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿيو جنهن کان پوءِ پوئين ميچ ۾ 99 رنسن جي اننگز کيڏندڙ محمد حفيظ بيٽنگ جي لاءِ آيو ۽ 41 رنسن جي اننگز کيڏي واپس  پويلين موٽي ويو. مڊل آرڊر بيٽسمين خوشدل شاهه به 13 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.فهيم اشرف به صرف 2 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين واپس موٽي ويو. جڏهن ته ڪپتان شاداب خان پهرين ئي بال تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 3 بالن تي 3 رنسون گهربل هيون جڏهن افتخار احمد ڇڪو هڻي ٽيم کي فتح ڏياري. محمد رضوان بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي اڌ سينچري اسڪور ڪئي ۽ وڪيٽ تي بيٺل رهيو هو آخري اوور ۾ 59 بالن تي 89 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا شامل هئا. بهترين ڪارڪردگي تي محمد رضوان کي مين آف دي ميچ سان نوازيو ويو جڏهن ته ٽم سيفرٽ کي مين آف دي سيريزڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو