پاڪستان جي ٽاپ فور ۾ اچڻ لاءِ ڇا ڇا ٿيڻ گهرجي؟

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) بنگلاديش خلاف فتح کانپوءِ پاڪستان 6 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل ۾ پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. بنگلاديش خلاف اهم فتح باوجود ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچڻ ۾ پاڪستان جو رستو ڪيترن ئي رڪاوٽن سان ڀريل آهي. جنهن بعد پاڪستان جي ٽاپ فور م وڃڻ لاءِ اگر مگر جي صورتحال پيدا ٿي آهي. سوال اهو آهي ته پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڪيئن پهچندو؟
جيئن ته پاڪستان کي پنهنجون باقي ميچون بهترين رن ريٽ سان کٽڻ گهرجن، جيڪڏهن پاڪستان کي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻو آهي ته ورلڊ ڪپ جي باقي ميچن جا نتيجا هن ريت رهيا ته گرين شرٽس ناڪ آئوٽ اسٽيج تائين پهچي سگهن ٿيون.

Screen shot

ميچ 32: نيوزيلينڊ بمقابله ڏکڻ آفريڪا (ڏکڻ آفريڪا کٽي)
ميچ 33: ڀارت بمقابله سريلنڪا (ڀارت کٽي)
ميچ 34: افغانستان بمقابله هالينڊ (افغانستان کٽي)
ميچ 35: پاڪستان بمقابلا نيوزيلينڊ (پاڪستان کٽي)
ميچ 36: انگلينڊ بمقابله آسٽريليا (آسٽريليا کٽي)
ميچ 37: ڀارت بمقابله ڏکڻ آفريڪا (ڀارت کٽي)
ميچ 38: سريلنڪا بمقابله بنگلاديش (سري لنڪا کٽي)
ميچ 39: آسٽريليا بمقابله افغانستان (آسٽريليا کٽي)
ميچ 40: انگلينڊ بمقابله هالينڊ (انگلينڊ کٽي)
ميچ 41: نيوزيلينڊ بمقابله سريلنڪا (سري لنڪا کٽي )
ميچ 42: ڏکڻ آفريڪا بمقابله افغانستان (ڏکڻ آفريڪا کٽي)
ميچ 43: بنگلاديش بمقابله آسٽريليا (آسٽريليا کٽي)
ميچ 44: پاڪستان بمقابلہ انگلينڊ (پاڪستان کٽي)
ميچ 45: انڊيا بمقابله هالينڊ (ڀارت کٽي)
جيڪڏهن ورلڊ ڪپ جي باقي ميچن جا نتيجا مٿي ڏنل منظرنامي موجب نڪتا ته ڀارت 18 پوائنٽس سان پوائنٽس ٽيبل تي پهرين نمبر تي هوندو جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا 14 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي هوندو. اهڙي طرح آسٽريليا به 14 پوائنٽس سان ٽئين پوزيشن تي برقرار رهندو، جڏهن ته پاڪستان 10 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي اچي ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو