واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان سميت 8 ملڪن جي 70 ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي. آمريڪا پاڪستان سميت چين، گڏيل عرب امارتن، ايران، فرانس، سينيگال، برطانيا ۽ آفريقا جي 70 ڪمپنين تي برآمد پابنديون لاڳو ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي دعويٰ آهي ته انهن ڪمپنين جون سرگرميون انهن جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي مفادن جي ابتڙ آهن. اهي پابنديون اهڙي وقت ۾ لڳايون ويون آهن، جڏهن عالمي سطح تي واپاري جنگ ۽ اسٽريٽيجڪ مقابلي ۾ واڌ ٿي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جن ڪمپنين تي پابنديون لڳايون ويون آهن، انهن ۾ 19 پاڪستاني ڪمپنيون، 42 چين، 4 گڏيل عرب امارتن جون ڪمپنيون، ايران، فرانس، آفريقا، سينيگال ۽ برطانيا جي ڪمپني شامل آهي. واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو آمريڪا پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي ڪمپنين کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي پابنديون لڳايون هجن.
