پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي، سندن وٽ هر طرح جي معدنيات ۽ وسيلا موجود آهن. ڪراچيءَ ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ مان ڪوئلو ڪڍيو پيو وڃي، ڪوئلو ٻاهر اماڻيندا ته 200 سال تائين بجلي بڻاڻي سگهن ٿا. سنڌ جو سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سندن وٽ ونڊ پاور ڪوريڊور آهي، مختلف ڪمپنيون دلچسپي رکن ٿيو. هن چيو ته وفاقي ۽ سنڌ سرڪار هميشه پرڏيهي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار پي پي موڊ تي ڪم ڪري رهي آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سيڙپڪارن کي پبلڪ پرائيويت پارٽنرشپ تحت هرممڪن سهولت ڏني ويندي. هن چيو ته چيني سيڙپڪار ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن. سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان ٻه سئو سالن تائين سستي بجلي پيدا ڪرڻ ممڪن آهي. هن چيو ته گرين انرجي جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سان به هارين کي فائدو ٿيندو، آبادگار جديد ٽيڪنالاجي سان محدود پاڻي مان گهڻي پيداوار حاصل ڪري سگهن ٿا. شرجيل ميمڻ چيو ته چيني ٽيڪنالاجي ۽ سندن ملڪ ۾ موجود موقعا گڏجي ترقي جا موقعا پيدا ڪندا. هن چيو ته سنڌ سرڪار چيني سيڙپڪارن کي تحفظ فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو