پاڪستان سپر ليگ جي شوقينن لاءِ خوشخبري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن ۾ مخصوص انگ ۾ تماشائين جي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن جي لاءِ پي ايس ايل انتظاميه اين سي او سي کان اجازت گهري ورتي آهي.پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن جي شروعات 20 فيبروري کان ٿي رهي آهي پر ڪورونا 19 سبب  تماشائين کان سواءِ هي ايونٽ ڪرائڻ جو امڪان هو پر پي ايس ايل انتظاميه کي ان ڳالهه جو خدشو آهي ته تماشائين کان سواءِ ليگ متاثر ٿي سگهي ٿي.ذريعن ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو آهي ته هن سموري صورتحال کي ڏسندي پي ايس ايل انتظاميه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) کان مخصوص انگ ۾  تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت گهري ورتي آهي.ذريعن موجب اين سي او سي جي هدايتن جي روشني ۾ فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي طرف پي سي بي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ميچز جي ٽڪيٽس سروسز جي لاءِ ٽينڊر به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو