اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 102 ملين ڊالر جو قرض منظور ڪري ورتو آهي.ورلڊ بينڪ موجب، هي پئسا موسمياتي تبديلي کان متاثر غريب هارين لاءِ هوندا. هي پئسا موسمياتي تبديلي کان متاثر ماڻهن کي ننڍا قرض فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا.ان حوالي سان جاري ڪيل اعلان موجب، هن رقم جو مقصد موسمياتي تبديلي کان متاثر ماڻهن جي آمدني وڌائڻ آهي. هي رقم ورلڊ بينڪ جي 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام جو حصو آهي.اعلان موجب، هي منصوبو ننڍن ڪاروبارن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مالي شموليت کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندو.ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر موجب، مائڪرو فنانس غريبن جي مالي مدد جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن منصوبي سان 1.89 ملين ماڻهن کي فائدو ٿيندو، جن ۾ 10 لک عورتون به شامل آهن.سندس چوڻ آهي ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ 54 منصوبا جاري آهن، ۽ پاڪستان ۾ عالمي بينڪ جي ڪل سيڙپڪاري 15.7 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي.
