پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل

طاهره مصطفيٰ ٻٻر
24 آڪٽوبر پوليو جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ ڪيل عالمي ڪوششن کي اجاگر ڪري ٿو. پوليو هڪ جان ليوا ۽ لا علاج مرض آهي جيڪو پوليو وائرس جي ڪري پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي خاتمي لاءِ ورلڊ هيلٿ اسيمبلي 1988ع ۾ واعدو ڪيو. جڏهن ته ڊبليو ايڇ او يورپي علائقي کي 2002 ۾ پوليو کان پاڪ قرار ڏنو ۽ ان وقت کان وٺي هر سال اها حيثيت برقرار رهندي پئي اچي. هر سال 24 آڪٽوبر تي پوليو جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد هر ٻار کي هن خطرناڪ موذي مرض کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا پيارڻ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي والدين، پيشه ور ماڻهن ۽ رضاڪارن جي مدد سان پوليو جي خاتمي کي ممڪن بڻائي سگهجي. هر ڪنهن لاءِ پوليو کان پاڪ مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ، اعليٰ مدافعتي ڪوريج کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن، وائرس جي ڪنهن به موجودگيءَ کي معلوم ڪرڻ لاءِ اعليٰ معيار جي نگراني کي لاڳو ڪرڻ، ۽ وبا جي صورت ۾ جواب ڏيڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي. هينئر سموري ملڪ اندر 16 ڊسمبر کان 22 ڊسمبر 2024ع تائين پوليو بابت مهم شروع ٿي چڪي آهي ۽ اميد ته اها ڪامياب مهم ثابت ٿيندي.
پر اهو افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان هينئر تائين پوليو جهڙي موذي مرض کان مڪمل نجات حاصل نه ڪري سگهيو آهي، اتي هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا پوليو فري پاڪستان جو خواب ساڀيان ٿي سگهندو يا ٻين ڪيترن ئي انساني ۽ قومي حسرتن جيان هي خواب پڻ خواب رهجي ويندو. هلندڙ سال سرڪاري طور تي پاڪستان ۾ پوليو جي خلاف هلندڙ مهمن کي 30 سال پورا ٿي چڪا آهن. سن 1994ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سڀ کان ننڍڙي نياڻي آصفه ڀٽو کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري پوليو خلاف مهم جو آغاز ڪيو هيو. پر افسوس جي ڳالهه ته 30 سال گذرڻ باوجود به پاڪستان ۾ پوليو جو مڪمل خاتمو هڪ خواب بڻيل آهي. هن وقت سموري دنيا مان پوليو جهڙي موذي مرض جو خاتمو ٿي ويو آهي پر صرف پاڪستان ۽ افغانسان ۾ اڃا تائين پوليو جهڙو خطرناڪ وائرس موجود آهي اتي سوچڻ جهڙي ڳالهه اها به آهي ته ٻه سال اڳ پوليو خلاف ڪاميابي ملڻ جي باوجود هينئر وري ڪيسن ۾ اضافو ٿيندي نظر پيو اچي جيڪو هڪ دفعو ٻيهر خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪي آهي. هڪ رپورٽ جي مطابق هلندڙ سال تائين پاڪستان ۾ پوليو جا 64 ڪيس سامهو اچي چڪا آهن جنهن ۾ بلوچستان صوبو سرفهرست آهي ڇاڪاڻ ته بلوچستان مان 26، جڏهن ته سنڌ مان 18، خيبرپختونخواهه مان 18 ۽ پنجاب ۽ دارالحڪومت اسلام آباد مان پڻ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
حڪومت توڙي ملڪي صحت جا ادارا ان ڳالهه تي ڇو خاموش آهن ۽ اهي ڪهڙيون زميني حقيقتون آهن جن جي ڪري ملڪ اندر پوليو جا ڪيس ظاهر ٿين ٿا. صوبن جي معصوم ٻارڙن کي معذور ٿيڻ کان بچائڻ ادارن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي جيڪا وقت جي ضرورت پڻ آهي. پوليو کان بچاءَ جي قطرن کان علاوه والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي 15 مهينن تائين جي ٻارن کي مختلف بيمارين جا ٽڪا پڻ لازمي لڳرائن. هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ جي مطابق گذريل 4 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ پوليو جا ڪيس هن سال ۾ رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ بلوچستان مان 26 پوليو جا ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته گذريل ٻن سالن ۾ بلوچستان ۾ هڪ به ڪيس ظاهر نه ٿيو هيو. جڏهن ته پنجاب مان چار سالن کانپوءِ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي. تعجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسلام آباد مان 16 سالن کان بعد پوليو جوپهريون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. اڄ کان 5 سال پهريان ملڪ ۾ پوليو جا ڪيس ۽ بهتر اقدامات وٺڻ جي بدولت 2022 ۾ اهڙو وقت به آيو جو ملڪ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس ظاهر نه ٿيو جنهن جي وجهه سان پاڪستان کي پوليو فري ملڪ قرار ڏنو ويو هو پر انهي سال 23 اپريل 2022ع ۾ 15 مهينن کانپوءِ ملڪ ۾ پهريون پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو ان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو ويو. هڪ رپورٽ جي مطابق 2022ع ۾ پوري ملڪ ۾ 20 ڪيس، 2023ع ۾ 6 ڪيس ۽ 2024 ۾ هن وقت تائين 64 پوليو جا ڪيس رڪارڊ ٿي چڪا آهن، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن 2022ع ۾ پوليو جي ڪيسن تي ڪنٽرول ٿي چڪو هو ته هڪ دفعو وري پوليو جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيڻ انتهائي خوفناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ آهي پر انهن ڪيسن ۾ اضافو ٿيڻ جي اصل وجهه ڪهڙي آهي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪيسن جي رپورٽ ٿيڻ جا ڪجهه سبب اهي به آهن هڪ طرف پوليو وائرس جهڙو خطرناڪ مرض مان جان ناهي ڇٽي اتي وري پوليو ورڪرز ۽ پوليو مهم ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيندڙٽيمن جي سڪيورٽي انتهائي ضروري آهي ڇو ته اڪثر پوليو ٽيمن تي پڻ حملا ٿيندا رهيا آهن جيڪا پڻ هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ پوليو مهم جي ڪاميابي ۾ پڻ هڪ رڪاوٽ آهي.
خيبر پختونخواهه جي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي مطابق سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو جي ٽيمن ۽ سڪيورٽي اهلڪارن تي ڪافي حملا ٿي چڪا آهن ۽ ميڊيا جي رپورٽن مطابق 2012ع کان هلندڙ سال 2024ع جي شروع تائين پوليو مهم کي نشانو بڻائيندڙ حملي ۾ ڪافي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته پاڪستان اندر شدت پسند گروه پڻ هن مرض جي روڪ ٿام ۾ رڪاورٽ بڻيل آهن جن جي مطابق پوليو ويڪسين هڪ بيروني سازش آهي ۽ قطرن جي حرام هجڻ جهڙي غلط معلومات ڦهلائڻ آهي، ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪن ٿا جن کي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت پڻ آهي. 30 سال گذرڻ جي باوجود اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ، يونيسيف جي امداد، ڊبليو ايڇ او جي تخقليقي سپورٽ، سعودي عرب جي فنڊنگ جي باوجود پاڪستان ۾ پوليو جهڙي خطرناڪ بيماري ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي. جڏهن ته هر هڪ ويڪسين جو پنهنجو گرمي پد ٿيندو آهي پاڪستان ۾ توانائي جي بحران سبب ويڪسين جي ڪولڊ چين برقرار رکڻ به هڪ اهم مسئلو آهي جنهن لاءِ پڻ اپاءِ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي. پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت سان گڏوگڏ، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ صحت جي ادارن، سول سوسائيٽي، عام ماڻهن ۽ والدين کي پنهنجو پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جيڪي والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪن ٿا انهن کي صحيح طرح سان آماده ڪري انهن جو اعتماد بحال ڪيو وڃي ۽ انهن کي ٻڌايو وڃي ته پوليو وائرس جي ويڪسين پوليو جهڙي موذي مرض کان انهن جي معصوم ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ آهن پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ سان سندن گلن جهڙن معصوم ٻارڙن کي ان خطرناڪ بيماري سبب سڄي عمر جي معذوري کان پڻ بچائي سگهجي ٿو. ان کان علاوه افغانستان جي ويڪسينيشن شيڊول سان پاڪستان جي ويڪسينيشن شيڊول کي جاري رکڻ پڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي پوليو وائرس جي وچ ۾ ۽ گڏيل ايپيڊميولوجيڪل بلاڪ جي اندر مداخلت ڪرڻ لاءِ اهم آهي ۽ نگراني پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي بنيادي ٿنڀن مان هڪ آهي. ان جي انتهائي حساس نگراني سرگرمين جي ذريعي سڃاڻپ ڪرڻ جي قابل آهي جتي پوليو وائرس گردش ڪري رهيو آهي. پوليومائيلائٽس جي تشخيص جي تصديق ڪرڻ جو بهترين دستياب طريقو پوليو وائرس کي اسٽول مان ڌار ڪرڻ ۽ ان جي سڃاڻپ آهي. رپورٽ ٿيل اي ايف پي ڪيسن مان گڏ ڪيل تمام اسٽول جا نمونا اسلام آباد ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ ريجنل ريفرنس ليبارٽري ۾ آزمايا ويندا آهن.
پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ صحت جي عالمي اداري جي مدد پڻ شامل آهي
ڊبليو ايڇ او آپريشنل ۽ بنيادي تحقيق کي همٿائي ٿو، صحت واري وزارت کي ٽيڪنيڪل ۽ آپريشنل مدد فراهم ڪري ٿو، ۽ اضافي فني مدد لاءِ انساني وسيلن جي تربيت ۽ تعيناتي کي همٿائي ٿو. روٽري انٽرنيشنل دنيا جو پهريون ۽ سڀ کان وڏو انسانيت جي خدمت جو ادارو آهي، روٽري هڪ پهرين تنظيم بڻجي وئي جنهن هڪ پوليو کان آزاد دنيا جو تصور ڪيو. هڪ لک کان وڌيڪ روٽري ميمبرن رضاڪارانه طور پنهنجو وقت ۽ ذاتي وسيلا پوليو جي خاتمي لاءِ خرچ ڪيا آهن. سي ڊي سي ماڻهن کي صحت جي خطرن کان بچائڻ لاءِ نازڪ سائنسي تحقيق ڪندي ۽ صحت جي معلومات جي فراهمي ڪري ٿو. سي ڊي سي GPEI کي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل ماهر فراهم ڪري ٿي. يونيسيف پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري پروگرام کي رابطي واري حڪمت عمليون تيار ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو جيڪي ويڪسين جي مقامي قبوليت جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۾ اهم آهن. پوليو جو خاتمو بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي اولين ترجيح آهي. گلوبل پوليو ايريڊيڪيشن انيشيٽو (GPEI) جي هڪ وڏي حامي جي حيثيت سان، اهو پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ لاءِ ڀائيوارن کي ٽيڪنيڪل ۽ مالي وسيلن جو حصو ڏئي ٿو. بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي حمايت فائونڊيشن پڻ ڀائيوارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي نون طريقن تي پوليو جي نگراني کي وڌائڻ ۽ وباء جي رد عمل کي وڌائڻ، ترقي ۽ استعمال کي تيز ڪرڻ ۽ محفوظ ۽ وڌيڪ موثر پوليو ويڪسين، جڏهن ته پوليو جي خاتمي جي ڪوششن لاء مالي ۽ سياسي مدد پڻ فراهم ڪري رهي آهي. گيوي، ويڪسين الائنس هڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ آهي جيڪا ٻارن جي زندگين کي بچائڻ ۽ گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ ويڪسين جي منصفانه استعمال کي وڌائڻ سان ماڻهن جي صحت جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو