پاڪستان ٽئين ون ڊي کٽي، ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

ملتان(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڪلين سوئپ ڪري ورتو.پاڪستان طرفان ڏنل 270 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم 38 هين اوور ۾ 216 رنسن تي ڍير ٿي وئي، عقيل حسين 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ملتان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان مقرر 48 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 269 رنسون ٺاهيون، آل رائونڊر شاداب خان 86 ۽ امام الحق 62 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو