پاڪستان ٽاس کٽي زمبابوي خلاف بيٽنگ جو فيصلو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽن 3 ون ڊي هڪ ڏينهن جي سيريز جي پهرين راند ۾ زمبابوي خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ راند کيڏڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان انجري سبب پهرين راند ۾ شرڪت ناهي ڪئي. جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾  فخر زمان، عابد علي، امام الحق، حارث سهيل، محمد رضوان، افتخار احمد، فهيم اشرف، عماد وسيم، وهاب رياض ۽ شاهين آفريدي شامل آهن. ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ هو ته زمبابوي خلاف بهتر راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ياد رهي ته پاڪستان 13 مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن جي راند کيڏي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو