پاڪستان ٽيليويزن جو مشهور اداڪار مظهر علي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ٽيليويزن جو مشهور اداڪار مظهر علي لاڏاڻو ڪري ويو،اسپتال جي ذريعن موجب اداڪار مظهر علي دل جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو وارثن مظهر علي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته مرحوم جي جنازي نماز اڄ طيبه مسجد ناظم آباد نمبر 3 ۾ ٿيندي اداڪار مظهر علي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڊرامي “افشان” ۽ “عروسه ” کان ڪئي، ان کانسواءِ هن پي ٽي وي جي ڊرامي گرهه ۽ هاله سوڌو ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري ناظرين جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي

پهنجو تبصرو موڪليو