پاڪستان زمبابوي کي 11 رنز تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي

هراري (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جو پهريون ميچ گادي واري شهر هَرارَي ۾ بنا تماشائن واري اسٽيڊيم ۾ کيڏيو وي، جيڪو پاڪستان 11 رنز تان شڪست ڏئي کٽي ورتو. ايندڙ ٻئي ميچ 23 ۽ 25 اپريل تي ساڳئي اسٽيڊيم ۾ ٿيندا. جنهن بعد ٻن ميچز جي ٽيسٽ سيريز به ٿيندي. پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان 20 اوورز ۾ 149 رنز ٺاهيون. محمد رضوان 61 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 82 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. دانش عزيز هن ميچ ۾ ڊيبيو ڪيو. ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگ شروع ڪئي ته ٻئي اوور ۾ بابر اعظم 4 بالن تي 2 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. فخر الزمان 14 بالن تي ٻن چوڪن جي مدد سان 13 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو. محمد حفيظ 7 بالن تي 5 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. رضوان جو 13 جي اسڪور تي ڪيچ ڊراپ ٿيو هو جيڪو ميزبان ٽيم کي مهانگو پيو. ڊيبيو ڪندڙ دانش عزيز هڪ چڪي جي مدد سان 11 بالن 15 رنز ڄاهي ڪيچ ٿيو. حيدر علي به ٻوٽو نه ٻاريو  9 بالن تي 5 رنزٺاهي بولڊ ٿيو. فهيم اشرف هڪ رن ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، محمد نواز 9 بالن تي 9 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، عثمان قادر 2 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، پاڪستان 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن تي 149 رنز ٺاهي ميزبان ٽيم کي 150 جو ٽارگٽ ڏنو.

ميزبان ٽيم پاران تناشي ۽ مڌيويري اننگ جي شروعات ڪئي ته ٽئين اوور ۾ حسنين پهرين وڪيٽ ورتي جڏهن مڌيويري 21 جي مجموعي اسڪور تي 14 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. حسنين جي اڳئين بال تي به بابر اعظم ڪيچ پڪڙيو مروماني بنا رن ٺاهي آئوٽ ٿيو، حسنين کي هيٽ ترڪ جو چانس مليو پر نه ڪري سگهيو. تناشي کي حفيظ آئوٽ ڪيو هو 29 رنز ٺاهي رضوان کي ڪيچ ڏنو. ڪريگ اِروائن بهترين ۽ تيز بيٽنگ ڪندي هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 34 رنز اسڪور ڪيو پر عثمان قادر کيس محمد نواز هٿان ڪيچ ڪرايو. سين وليمز ۽ چڪابوا به عثمان قادر جو شڪار بڻيا.جنهن بعد ريان بُرل ۽ لِيوڪ جَونگوي جي پارٽنر شپ پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيڻ لڳي. ارڙهين اوور جي شروعات ۾ رئوف کي ابتدائي ٻنهي بالن تي ٻه چوڪا لڳا پر هن ٻه بال مس ڪرائڻ بعد ريان بُرل کي يارڪر هڻي بولڊ ڪيو ۽ پاڪستان واپس گيم ۾ آيو. آخري ٻن اوورز ۾ زمبابوي کي 27 رنز گهربل هيون، حسنين کي جونگوي ڇڪو لڳو، ٻئي بال تي سندس ڪيچ ڊراپ ٿيو. آخري اوور ۾ 20 رنز گهربل هيون، رئوف جي اوور جي پهرين ٻنهي بالن تي ڊبل ڊبل رنز ٺهيون پر ميچ پاڪستان کٽي ورتي. زمبابوي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 138 رنز ٺاهي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو