ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪرائم ڊراما پاڪستاني فلم لال ڪبوتر کي ايندڙ سال جي آسڪر ايوارڊ ۾ غور هيٺ ايندڙ فلمن ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. شرمين عبيد چنائي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي اهڙي منظوري ڏني، جنهن جو اعلان فلم جي هيروئن منشا پاشا توئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي. هن چيو آهي ته سندس 6 سالن جي فلمي ڪيريئر ۾ هي سندس بهترين فلم آهي. آسڪر ايوارڊ لاءِ مختلف ملڪن مان نامزد ڪيل فلمن جو ايندڙ سال 13 جنوري تي جائزو ورتو ويندو ۽ ان ۾ 24 ڪيٽيگريز ۾ آسڪر ايوارڊ ڏنا ويندا آهن، جن جو اعلان 29 فروري تي ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلز ۾ ڪيو ويندو. فلم لال ڪبوتر ۾ هيرو احمد علي اڪبر ۽ هيروئن منشا پاشا آهن، فلم جو ڊائريڪٽر ڪمال خان ۽ ايگزيڪٽو پروڊيوسر هاورڊ گريجوئيٽ حانيا چيما ۽ ڪامل چيما آهن. هي فلم 22 مارچ تي هن سال پاڪستاني سينيمائن ۾ رليز ٿي هئي ۽ شائقين ڪافي پسند ڪئي هئي.
