پاڪستان پاران ملائِيشيا کي ماکيءَ جي پهرين کيپ ايڪسپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) تجارت واري وفاقي وزير ملائيشيا کي ماکي جي پهرين کيپ ايڪسپورٽ ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ وقت م ماکي ايڪسپورٽ ڪرڻ جو رجحان وڌنڌو. تجارت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواه جي ترناب واري علائقي ۾ ان ڏس ۾ با ضابطه تقريب پڻ ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل آگسٽ ۾ ڪراچي ۾ ٿيل ٻئي عالمي اگريڪلچر نمائش جي موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ تعاون وار معاهدي بعد ڪولالمپور ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني مقامي واپارين جو ڪي پي جي ماکي پيدا ڪندڙ واپارين سان رابطو ڪرايو ۽ ڪاميابي سان پهرين کيپ ايڪسپورٽ ڪئي. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ماکي جا فارم خيبرپختونخوا ۾ آهن جن جو تعداد 60 هزار آهي جتي 16 لک ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. هر سال ڪي پي 15 کان 20 هزار ٽن ماکي پيدا ڪندو آهي پر ايڪسپورٽ جو انتظام ۽ سهولت نه هئڻ سبب هر سال اربين روپين جي ماکي ضايع ٿيندي آهي. ڪي پي مان ڪارپيٽ بعد ٻئي نمبر تي ماکي جي پروڊڪٽ وڏي پيماني تي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي. پاڪستان روايتي طور ڪويت، دبئي، سعودي عرب ۽ يمن کي ماکي ايڪسپورٽ ڪندو آهي. يمني واپاري پاڪستاني ماکي جي پنهنجي نالي سان پيڪنگ ڪري، آمريڪا ۽ يورپي مارڪيٽ ۾ وڪڻندا آهن. پاڪستان ۾ ماکي پيدا ڪندڙ واپارين جي تنظيم مطالبو ڪيو آهي ته هن شعبي کي صنعت جو درجو ڏئي، مقامي ٽيڪس ختم ڪري ان جي ايڪسپورٽ ۾ حڪومت سهڪاري ڪري ته وڌيڪ پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. هنن هني بورڊ قائم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. ياد رهي ته پرڏيهه ويندڙ ماکي پاناري يا ڇتي ۾ ڀريل هوندي آهي. ناران ۽ ڪاغان وارن علائقن ۾ اکروٽ، آلو بخارن ۽ ٻين وڻن ۾ ويٺل ماکي جي رس ۾ ان وڻ جي ميوي جو فليور به هوندو آهي. ٻير جي وڻ واري ماکي جي ڊمانڊ وڌيڪ هوندي آهي ڇو ته اها شگر جي مرض جي علاج ۾ استعمال به ٿيندي آهي. ياد رهي ته دنيا ۾ ترتيبوار ماکي درآمد ڪرن وارا وڏا ملڪ نيوزيلينڊ، چين،ارجنٽينا، يورپي يونين ۽ برازيل شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو