پاڪستان کي ٻئي ميچ به شڪست، سيريز نيوزيلينڊ کٽي ورتي

هيملٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان کي نيوزيلينڊ ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچز جي سيريز کٽي ورتي.19.2 اوورز ۾  اوپنر ٽِم سيفرٽ ۽ ڪپتان ڪين وليم سن ميچ کٽي ورتي، پاڪستاني بالر بي وس نظر آيا رڳو گپٽل جي وڪٽ حاصل ڪري سگهيا. جيڪو 22 رنز ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي حارث سهيل هٿان ڪيچ ٿيو. سيفرٽ 8 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 63 بالن تي 84 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ون ڊائون بيٽسمين ڪين وليم سن 8 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 42 بالن تي 57 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هيملٽن جي شيڊون پارڪ ۾ کيڏيل ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. حيدر علي ۽ محمد رضوان اننگ اوپن ڪندي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو پر حيدر علي 16 جي مجموعي اسڪور تي 8 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. عبدالله شفيق پوئين ميچ جيان ٻئي بال تي بنا رن ٺاهي آئوٽ ٿيو. حفيظ ۽ رضوان اسڪور اڳتي وڌايو پر رضوان 22 رنز ٺاهي ٽِم سائوٿي جو ٽيون شڪار بڻيو. ڪپتان شاداب خان 4 رنز ٺاهي نيشام جي بال تي سائوٿي هٿان ڪيچ ٿيو. خوشدل به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 12 رنز ٺاهي سوڍي جي بال تي گُپٽل هٿان بائونڊري تي ڪيچ ٿيو. نيوزيلينڊ ڪين وليمسن ۽ ٽِم سائوٿي سميت 4 رانديگر ن کي کيڏايو ۽ ٽيم ۾ تبديلي ڪئي. حفيظ زبردست اننگ کيڏندي ففٽي اسڪور ڪئي. فهيم اشرف 4 رنز ٺاهي ٽِم سائوٿي جو چوٿون شڪار بڻيو. جنهن بعد عماد وسيم آيو جنهن 19هين اوور ۾ ٻه بال مس ڪرڻ بعد بولٽ کي لڳاتار ٻه چوڪا هنيا ۽ 9 رنز ورتيون. آخري اوور جيميسن ڪرايو جنهن کي حفيظ هڪ ڇڪو، هڪ چوڪو  ۽ وري هڪ ڇڪو هڻي 99 ناٽ آئوٽ رهيو. هن 57 بالن تي 10 چوڪن ۽ 5 ڇڪن جي مدد سان 99 ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان مقرر 20 اوورز م 6 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنز ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو