پاڪستان ڪجهه پاليسين ۾ غلطيون ڪيون، آءِ ايم ايف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جي نمائندي ايشتر پيريز چيو آهي ته پاڪستان پاليسين ۾ غلطيون ڪيون ۽ نئين قرض پروگرام تي ڪامياب عملدرآمد لاءِ مضبوط پاليسين جي ضرورت آهي. ايس ڊي پي آر جي انتظام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ايشتر پيريز چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ذريعي ٽئڪس جو دائرو وڌايو ويندو، نئين پروگرام تحت زرعي شعبي کي ٽئڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، غذائي جنسن جي امدادي قيمتن جي تعين ۾ حڪومتي ڪنٽرول ختم ڪيو ويندو، جڏهن ته ريٽيل ۽ رئيل اسٽيٽ سيڪٽر کان ٽئڪس آمدني کي وڌايو ويندو. آءِ ايف ايف نمائندي چيو ته سماجي شعبي کي تحفظ ڏيندي هڪ بهتر ۽ وڌيڪ اثرائتو ٽئڪس نظام جوڙيو ويندو، آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام جو مقصد نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي، اسٽرڪچرل سڌارن ذريعي توانائي جي قيمتن کي گهٽائڻ پروگرام جو آهي. ايشتر پيريز جو چوڻ هو ته گذريل سالن دوران استحڪام باوجود اسٽرڪچرل چئلينجز رهيا، پاڪستان پاليسين ۾ غلطيون ڪيون، هر پروگرام جو مقصد پاليسين کي بهتر بڻائڻ هوندو آهي تنهنڪري نئين قرض پروگرام جي ڪامياب عملدرآمد لاءِ مضبوط پاليسين جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ ايم ايف نمائندي چيو ته هنن هر طريقي سان پاڪستان جي مدد جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندن مقصد رڳو پاليسين ۽ معيشت جو جائزو وٺڻ آهي. هن چيو ته ٽئڪس جو نظام ڪنهن به ملڪ لاءِ اهم هوندو آهي، ايم ايف سي ايوارڊ تي هو ڪو به سوال ناهن ڪري رهيا ۽ نه ريورس ڪري رهيا آهن، اسان چئي رهيا آهيون ته اِهو هڪ اهم عنصر آهي جنهن تي پوري طرح عملدرآمد ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو