چنئي (ويب ڊيسڪ)283 رنز جو مليل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ افغانستان جي ٽاپ آرڊر خلاف پاڪستاني بالنگ بيوس نظر آئي. افغانستان 8 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي تاريخي فتح حاصل ڪئي. آخري ٻن اوورن ۾ 4 رنز گهربل هيون جيڪي هنن 6 بال باقي هئا ته ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. ڙهمت شاهه 77 ۽ حشمت الله 48 تي ناٽ آئوٽ رهيا. افغان اوپنرز ففٽيون اسڪور ڪيون رحمان الله گرباز65 ۽ ابراهيم زدران 87 رنز ٺاهي3 آئوٽ ٿيا. بهترين ۽ مّبوط بنياد ملڻ بعد رحمت شاهه به ففٽي ڪئي ۽ ڪپتان حشمت الله سان گڏ اسڪور اڳتي وڌايو. پوري ميچ دوران افغانستان جي گرپ رهي. پاڪستان جي بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ بدتر ڪارڪردگي نظر آئي. هن وقت تائين ٻنهي ملڪن ۾ 7 ميچ ٿيا هئا جيڪي سڀ پاڪستان کٽيا هئا. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ جي 22هين ميچ ۾ پاڪستان افغانستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. افغانستان خلاف ميچ ۾ محمد نواز جي جاءِ تي شاداب خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ يارهين اوور ۾ 56 تي ڪري جڏهن امام الحق 17 رنسون ٺاهي عظمت الله جي بال تي نوين الحق هٿان ڪيچ ٿيو. 23هين اوور ۾ 110 جي مجموعي اسڪور تي عبدالله شفيق ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 75 بالن تي 58 رنسون ٺاهي نور احمد جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، امپائر آئوٽ نه ڏنو هو پر رويو ۾ آئوٽ ٿيو. عبدالله شفيق پاور پلي ۾ پاڪستان پاران پهريون ڇڪو هنيو. نور احمد کي فضل فاروقي جي جاءِ تي کيڏايو ويو آهي. 120 جي اسڪور تي رضوان 8 رنسون ٺاهي نوجوان نور احمد جھو ٻيو شڪار بڻيو، کيس مجيب ڪيچ ڪيو. 25 رنسون ٺاهي سعود شڪيل به محمد نبي جي بال تي راشد خان هٿان ڪيچ ٿيو. 206 جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان بابراعظم 41 هين اوور ۾ هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 92 بالن تي 74 رنسون ٺاهي نور احمد جي بال تي محمد نبي هٿان ڪيچ ٿيو. شاداب ۽ افتخار بعد ۾ اسڪور اڳتي وڌايو. ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته هو ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا.”مون ڇوڪرن کي چيو ته ڪوشش ڪندا رهو،“ افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي چيو ته بيٽنگ ڪرڻ چاهيان ٿو، پاڪستان کي 250 تائين محدود ڪرڻ چاهيان ٿو.هن چيو ته ٽيم ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، فضل الحق جي جاءِ تي نور احمد کي شامل ڪيو ويو آهي.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار