ملتان(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. پاڪستان 306 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، بابر اعظم 103 ۽ امام الحق 65 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ملتان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ويسٽ انڊيز جي اننگز ميزبان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 305 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز طرفان شائي هوپ 127 ۽ شمنها بروڪس 70 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ان بعد رومن پاول 32، روماريو شيفرڊ 25 ۽ ڪپتان نڪولس پورون 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.پاڪستان طرفان حارث رئوف 4، شاهين شاهه آفريدي 2، محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان جي اننگز 306 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستاني ٽيم جي شروعات سٺي نه رهي ۽ 26 رنسن جي مجموعي اسڪور تي اوپنر فخر زمان 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.هڪ وڪيٽ وڃائڻ کانپوءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ امام الحق ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ ٻنهي وچ ۾ 103 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي پر امام الحق 65 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.جڏهن ته ڪپتان بابر ۽ نئين رانديگر محمد رضوان شاندار بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور 237 رنسن تائين پهچايو، ان دوران بابر پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 17هين سينچري اسڪور ڪئي پر هو 103 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.ان کان علاوه رضوان به 59 رنسون ٺاهي ٽيم کي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته آخري اوور ۾ خوشدل شاهه جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي آخري اوور ۾ ٽيم کي فتح ڏياري.هن 23 بالن تي 41 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
انٽرنيٽ نوجوانن جو حق آهي، بابا۽ پوڙها سياستدانن نه ٿا سمجهن
گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ڪم نه رڳو دوکو ڏئي رهي آهي
چيمپيئنز ٽرافي شيڊيول پڌرو، پاڪ ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي ٿيندو
اسان مجبوري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون: عمر ايوب
نئين سال تي هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ تي پابندي يقيني بڻائڻ جو فيصلو
پي اي سي جي چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ کان نالو طلب
عارف علوي جي 14 فيبروري تائين راهداري ضمانت منظور
ڪسٽم جي ڪارروائي، هڪ لک پرڏيهي شراب جون بوتلون هٿ
ڪنهن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي
جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ هڪ جوابدار تي جرم لاڳو، فوٽيج فراهمي درخواست رد
سول نافرماني سڏ تي عمل ٿيو ته ملڪ کي ڪافي نقصان پهچندو
سون سستو ،ڊالر مهانگو ٿي ويو
آمريڪي پابندين جو جواز ناهي، ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو
مظفر آباد، ڄاڃين جي گاڏي درياءَ ۾ ڪري پئي،4 ڄڻا فوت، گهوٽ زخمي
تبديلي اچڻ واري آهي، عوام پراميد آهي: عارف علوي
ڳالهيون مذاق رات نه ٿي وڃن: شيخ رشيد
مدرسن جي رجسٽريشن وارو مسئلو فوري حل ڪيو وڃي: لياقت بلوچ
فوجي عدالتن جي ٽرائل ۽ فيصلن تي مايوسي ٿي: اسد قيصر
اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن جو معاملو جلد حل ڪرڻ جو حڪم
جسٽس نعمت الله وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو