واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪاروباري برادري اميد ظاهر ڪئي آهي ته وزيراعظم عمران خان ج آمريڪي دوري دوران پاڪستان کي آمريڪي منڊي تائين زيرو ڊيوٽي رسائي ملي ويندي. اهڙو اظهار پاڪ آمريڪا بزنس فورم جي باني چيئرمين افتخار ملڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي امداد نه گهرجي پر منڊي تائين رسائي گهرجي جيئن معيشت کي هٿي وٺرائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ به طرفي سرمائيڪاري بابت معاهدي جي به ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن کي ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. ملڪ جيڪو سارڪ چيمبر جو نائب صدر به آهي تنهن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جو ٻه طرفو واپار 6.7 ارب ڊالر جو آهي جنهن ۾ پاڪستان کان راندين ۽ جراحي جو سامان، ٽيڪسٽائل، چمڙو، ڪاٽن، گارمينت، ڪارپيٽ ۽ چانور آمريڪا موڪليا ويندا آهن. جڏهن ته آمريڪا مان پاڪستان اليڪٽريڪل اوزار، مشينري، دوائون، ڊراءِ فروٽ، پرفيوم، ڪافي، کارڪون ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون گهرايون وينديون آهن.
