پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان بنگلاديش جي تاريخي شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي تاريخي فتح حاصل ڪري ورتي. بنا ڪنهن وڪيٽ ڏيڻ جي 30 رنسن جو آسان ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. ذاڪر 15 ۽ شادمان اسلام 9 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. پهرين ٽيسٽ جي آخري ڏينهن پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٻئي اننگز ۾ صرف 146 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديش کي ميچ کٽڻ لاءِ صرف 30 رنسن جو هدف ڏنو ويو. راولپنڊي ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان سان اننگز جي شروعات ڪئي ته ڪپتان شان مسعود صرف 5 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو. ان کانپوءِ بابر اعظم 22، عبدالله شفيق 37، شاهين شاهه آفريدي 2، نسيم شاهه 3، سعود شڪيل، سلمان علي آغا ۽ محمد علي صفر رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. محمد رضوان 51 رنسون ٺاهيون، پاڪستان کي بنگلاديش خلاف رڳو 29 رنسن جي برتري حاصل هئي. بنگلاديش طرفان مهدي حسن ميراز 4، شڪيب الحسن 3 جڏهن ته شرف الاسلام، ناهيد حسن ۽ حسن محمود هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ياد رهي ته پاڪستان فيبروري 2021 کان وٺي پنهنجي هوم گرائونڊ تي هڪ به ٽيسٽ ميچ ناهي کٽي. ان عرصي ۾ هو بنگلاديش واري هن ميچ سميت 5 ميچ هارائي چڪو آهي ۽ 5 ڊرا ٿي ويون هيون. بنگلاديش تاريخ م پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏني هي.

تفصيلي اسڪور ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو