راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز افغان بارڊر مان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي جوابي ڪارروائي ۾ 8 خارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 5 ۽ 6 اپريل جي وچين رات اونداهي جو فائدو وٺندي خاجرن جي هڪ گروپ اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل مان پاڪستان ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 4 زخمي ٿيا، جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان ڪيترائي ڀيرا دهشتگردن جي دراندازي ۽ موجودگي جي حوالي سان افغان حڪومت کي آگاهه ڪري چڪو آهي ۽ مطالبو ڪندو رهيو آهي ته دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
