مني بجيٽ کانسواءِ آِءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ ٽيم جي ڪاميابي آهي

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز سريف بنا مني بجيٽ جي آءِ ايم ايف جو پهريون جائزو مڪمل ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي لاءِ 1.3 ارب ڊالر جي منظوري حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي تي حڪومتي ٽيم ۽ قوم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. اهڙو اظهار هن اڄ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته خدا جو شڪر آهي ته عوام تي مني بجيٽ وارو اضافي ٻوجهه نه پيو ۽ حڪومتي ٽيم ورڪ جي ڪاميابي آهي جن مشڪل حالتن ۾ سڀ شرط پورا ڪيا. هن چئني صوبائي حڪومتن جي به زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت قانونسازي وقت تي مڪمل ڪرڻ تي کين ساراهيو. هاڻي پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ملڻ جو چٽو امڪان آهن. 28 مهينن لاءِ منظور ڪيل 1.3 ارب ڊالر جو نئون قرض پاڪستان کي 30 سالن ۾ واپس ڪرڻو پوندو ۽ 10 سالن جو گريس پيرڊ به مليو آهي. وزيراعظم 350 ارب ڊالر واري معيشت ۾ سڌارن بابت اطمينان ظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان هاڻي پيرن تي بيهي رهيو آهي ۽ ڊيفالٽ جو خطرو به ٽري ويو آهي. پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ اسٽاف سطح جو معاهدو طئي ٿيو آهي.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 1.3 ارب ڊالر جي قرض لاءِ ڳالهيون ڪامياب ٿيون، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پهرين جائزي لاءِ اسٽاف سطح جو معاهدو طئي ٿيو آهي.بين الاقوامي مالي فنڊ موجب، آءِ ايم ايف ٽيم جي اڳواڻي نيٿن پورٽر ڪري رهيو هو. معاهدي جي آخري منظوري آءِ ايم ايف بورڊ ڏيندي.جيڪڏهن منظوري ڏني وئي ته، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 28 مهينن جي انتظام تحت 1.3 بلين ڊالر ملندا.پروگرام تحت ڪُل قرض جي رقم 2 ارب ڊالر هوندي،ايڪسٽينشن فنڊ سهولت جو بندوبست 37 مهينن لاءِ هوندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ افراط زر 2015 کان پوءِ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي آهي. گذريل 18 مهينن دوران، پاڪستان چئلينجن جي باوجود ميڪرو اڪنامڪ استحڪام بحال ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي.آءِ ايم ايف چيو ته پاڪستان ۾ معاشي صورتحال بهتر ٿي آهي. معاشي سرگرميون بتدريج وڌڻ جو امڪان آهي.بين الاقوامي مالياتي فنڊ اهو به نوٽ ڪيو ته پاڪستان اڃا تائين ماحولياتي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو