راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ڊرا ٿي وئي. ٽيسٽ جي آخري ڏينهن پاڪستان ٻي اننگز ۾ 252 رنسون ٺاهيون، عبدالله شفيق 136 ۽ امام الحق 111 ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 4 وڪيٽن جي نقصان تي 476 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، پاڪستان طرفان اظهر علي 185 ۽ امام الحق 157 رنسون ٺاهيون. پهرين اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم 459 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان کي 17 رنسن جي برتري ڏني وئي. آسٽريليا طرفان عثمان خواجه 97، مارين لبوشين 90، اسٽيو سمٿ 78، ڊيوڊ وارنر 68 ۽ ڪيمرون گرين 48 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان نعمان علي 6 وڪيٽون ورتيون، ان کان علاوه شاهين آفريدي 2، نسيم شاهه ۽ ساجد خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن ٻي اننگز ۾ قومي ٽيم بغير ڪنهن نقصان جي 252 رنسون ٺاهيون، ٻنهي اوپنرز عبدالله شفيق ۽ امام الحق سينچريون اسڪور ڪيون، عبدالله شفيق 136 ۽ امام الحق 111 ناٽ آئوٽ رنسون ٺاهيون. اوپنر امام الحق کي شاندار بيٽنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو جڏهن ته پاڪستاني اسپنر نعمان علي کي ميچ جو بهترين بالر قرار ڏنو ويو. آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز جو چوڻ هو ته نه رڳو راولپنڊي شهر پر شهر به وڏو آهي، 24 سالن کانپوءِ هتي اچي سٺو محسوس ٿيو، اسان کي هتي بهترين تجربو ٿيو. پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم چيو ته هو ايندڙ ميچ ۾ فل اسٽريٿ سان ويهندا، ان ميچ ۾ اسان جا اهم بالر موجود نه هئا پر بالرز شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، فاسٽ بالرز سٺي بالنگ ڪئي، نعمان علي پنهنجو تجربو ڏيکاريو.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ