واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان نين سفري پابندين سبب پاڪستان ۽ افغانستان جي شهرين جي ايندڙ هفتي کان آمريڪا ۾ داخلا بند ٿي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي انتظاميا مختلف ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ جاچ پڙتال جي نظام جو جائزو وٺي رهي آهي، ان نظرثاني جي نتيجي ۾ مختلف ملڪن مان ايندڙن جي آمريڪا ۾ داخلا بند ٿي سگهي ٿي.آمريڪي صدر 20 جنوري تي هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ آمريڪي سلامتي کي خطرن جي نشاندهي لاءِ آمريڪا ايندڙن جي سخت جاچ پڙتال کي ضروري قرار ڏنو ويو، ٽرمپ ڪابينا ميمبرن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪمزور ۽ ناقص جاچ پڙتال وارن ملڪن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي، جن تي جزوي يا مڪمل پابندي لڳائڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو ايجنسي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته افغانستان ۽ پاڪستان تي مڪمل سفري پابندي جي تجويز ڏئي سگهجي ٿي.
