بيلاروس, پاڪستان مان ڏيڍ لک هنرمند ماڻهو گهرائڻ لاءِ راضي

منسڪ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن جو صحيحون ڪيو ويون. سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي موجب هڪ معاهدي هيٺ بيلاروس ڏيڍ لک پاڪستاني هنرمند شهرين کي پنهنجي ملڪ ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروسي فنانشل ڪوآپريشن فنڊ فار انٽرپرينئرشپ ۽ ايس ايم اي ڊي اي جي وچ ۾ هڪ مفاهمت جي ياداشت تي به صحيحون ڪيون ويون، بيلاروس جي اندروني معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان جي اندروني معاملن واري وزارت جي وچ ۾ هڪ تعاون جو معاهدو ٿيو، پاڪستان ۽ بيلاروس جي دفاع واري وزارت جي وچ ۾ فوجي تعاون جو معاهدو ٿيو،ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 2025 کان 2027 تائين فوجي تعاون لاءِ هڪ روڊ ميپ پڻ پيش ڪيو ويو،روڊ ميپ تي بيلاروس جي فوجي صنعت لاءِ رياستي اٿارٽي ۽ پاڪستان جي دفاعي پيداوار واري وزارت جي وچ ۾ اتفاق ڪيو ويو،پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ماحولياتي تحفظ بابت مفاهمت جي ياداشت تي عملدرآمد لاءِ هڪ روڊ ميپ ڏنو ويو،بيلاروس چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي وچ ۾ هڪ تعاون جو معاهدو طئي ٿيو آهي،بيلاروس جي صدر چيو ته بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف مختلف شعبن ۾ تعاون بابت ٿيل ڳالههين کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو. ميزبان صدر جي خصوصي دعوت تي نواز شريف ۽ مريم نواز به منسڪ ۾ موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو