راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پنج ون ڊي ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 289 رنز جو ٽارگيٽ ڏو, فخر الزمان ۽ امام الحق اننگ شروع ڪئي، 22 هين اوور ۾ 104 جي مجموعي اسڪور تي امام الحق کي اش سوڍي ايل بي ڊبليو ڪيو، هن هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 65 بالن تي 60 رنز ٺاهيون، بابراعظم فّر سان گڏ اسڪور اڳتي وڌايو 36 هين اوور ۾ بابر 214 جي مجموعي ۽ 49 جي ذاتي اسڪور تي ڪپتان آئوٽ ٿيو. هن هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 46 بالن تي 49 رنز ڪيون ۽ ففٽي نه ڪري سگهيو، پر ان دوران فخرالزمان سينچري مڪمل ڪئي. بابر کي ليٿم، ايڊم ملني جي بال تي ڪيچ ڪيو. جنهن بعد شان مسعود 12 بالن تي هڪ رن ٺاهي ايڊم ملني جي بال تي هينري هٿان ڪيچ ٿيو ۽ محمد رضوان بيٽنگ لاءِ آيو. 38 اوور مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 217 اسڪور ڪيو, فخر هڪ ڇڪي 7 13 چوڪن جي مدد سان 114 بالن تي 117 رنسون ٺاهي ريچن رويندرا جي بال تي چيڊ بوز هٿان ڪيچ ٿيو، جنهن بعد سلمان آغا آيو ۽ هو 10 بالن تي 7 رنز ٺاهي ٽڪنر جي بال تي ليٿم هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد محمد نواز آيو جنهن وننگ پارٽنرشپ قائم ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو9 بال باقي هئا ته رضوان چوڪو هڻي پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان کٽرائي ورتو. هن هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 42 ناٽ آئوٽ رنس ٺاهيون ۽ نواز 8 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، نيوزيلينڊ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 50 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنز اسڪور ڪيون. نيوزيلينڊ جو 2 وڪيٽون آخري اوور جي آخري ٻن بالن تي نسيم شاهه حاصل ڪيون. هن 10 اورز ۾ 29 رنسون ڏنيون. خراب فيلڊنگ ۽ ڪيچ ڊراپ ڪرڻ سبب نيوزيلينڊ بهترين فائيٽنگ اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. شاهين آفريدي 63 رنز جي عيوض 2 وڪيٽون، حارث رئوف 65 رنس ڏئي 2 وڪيٽون ورتيو. محمد نواز 8 اوورز ۾ بنا وڪيٽ 55 رنز ڏنيون، شاداب 10 اوورز م 56 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. سلمان آغا 2 اوورز ۾ 15 رنز ڏنيون ڪا وڪيٽ نه مليس. 48 جي مجموعي اسڪور تي پهريون رانديگر اوپنر چيڊ بوئيز 26 بالن تي 18 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو هن 3 چوڪا هنيا. هو حارث جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. ٻئي وڪيٽ 150 جي اسڪور تي ٻيو اوپنر ول ينگ 86 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو، هن 78 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان اهو اسڪور ڪيو. هنکي شاداب جي بال تي حارث ڪيچ ڪيو. ڊيرل مچل سينچري اسڪور ڪندڙ واحد پليئر هو جنهن 115 بالن تي 113 رنز ٺاهيون، سندس اننگ ۾ هڪ ڇڪو ۽ 11 چوڪا شامل هئا. ڪپتان ٽوم ليٿم 36 بلن تي 20 رنس ٺاهي شاهين جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو.
پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو
پي پي اقتدار ۾ هوندي وفاق سان ناراض
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو