پاڪستاني حڪومت ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون: مجاهد

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته پاڪستان ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان وچ ۾ ڳالهيون ٻه ڏينهن اڳ ڪابل ۾ ختم ٿي ويون هيون. افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو ته پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهيون 2 ڏينهن اڳ مڪمل ٿي چڪيون هيون ۽ هن ڀيري ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچن ٿيون.ذبيح الله مجاهد چيو ته اسان جو ڪردار پاڪستان حڪومت ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهين لاءِ ثالثي جو آهي، جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ڪنهن کي به افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. افغان طالبان جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستاني طالبان اڻڄاتل مدي تائين جنگ بندي جو اعلان ڪيو آهي ۽ جنگ بندي سان حملن جو سلسلو بند ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو