پاڪ، ڀارت سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته امريڪا، پاڪستان ۽ ڀارت سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان اڳواڻن جي ملاقات تي رد عمل ڏيندي ميٿو ملر چيو ته ٻنهي ملڪن سان سندن ٻه طرفه لاڳاپا آهن. امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنهن به ڳالهين جي دائري ۽ ڪردار جو تعين پاڪستان ۽ ڀارت جو معاملو آهي. واضع رهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جئي شڪر شنگهاتي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت دوران وزيراعظم شهباز شريف جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسحاق ڊار سان به ملاقات ڪئي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو