پاڪستان ۾جاري منصوبن ۾ شفافيت اولين ترجيح آهي: آمريڪي سفير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مصنوبن ۾شفافيت پهرين تريجيح آهي، ڪراچي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيوته ايندڙ سال 20 کان وڌيڪ ايڪسري مشين مهيا ڪنداسين، پاڪستان ۾ پوليو جي پاڙ پٽڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سيلاب سان متاثر علائقن ۾ صحت بابت ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ طبي عملي جي تربيت لاءِ ڪيترائي پروگرام هلي رهيا آهن، آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۾ سيلاب کان پوءِ صحت جا ڪافي مسئلا سامهون آيا، ماحولياتي تبديلن جي حوالي سان پاڪستان ۾ گهڻو ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته پوليو جي پاڙ پٽڻ وڏو چئلينج آهي، پاڪستان ۾ پوليو جا ڪيس اڃان تائين ظاهر ٿي رهيا آهن، پاڪستان حڪومت پوليو ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو