موٽر سائيڪل کي پاڪستان ۾ وچولي طبقي جي سواري سمجهيو ويندو آهي ۽ اهو ئي طبقو آهي جيڪو وڌندڙ مهنگائي سبب تمام وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي. دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌن ته پاڪستاني عوام جي ذهن ۾ پهريون خيال اهو ايندو آهي ته ايندڙ مهيني پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو ۽ هي مهانگائي انهن جي بجيٽ کي ڪيئن متاثر ڪندي .پاڪستان ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي کان هن مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ مختلف ڪمپنين بجلي تي هلڻ واري موٽر سائيڪل متعارف ڪرايون پر انهن مان اڪثر درآمد واريون هيون ۽ اهي مهانگيون هجڻ جي ڪري عوام ۾ مقبوليت ماڻي نه سگهيون. جڏهن ته پاڪستان جي صوبه پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ ٻن ادارن گڏيل شراڪتداري سان پاڪستان ۾ بجلي تي هلندڙ موٽرسائيڪل جي تياري جو عمل شروع ڪيو آهي. لاهور ۾ قائم هڪ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ڪمپني “اوج” ٽيڪنالاجيز جي سي اي او عثمان شيخ بي بي سي کي ٻڌايو ته هو پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل تيار ڪرڻ وارو پهريون اسيمبلر آهي جنهن انکي پنهنجي ڊزائن سان تيار ڪيو آهي . انهن موٽر سائيڪلن کي مارڪيٽ ۾ پهريون کان ئي مشهور جاپاني ڊيزائن وانگر تيار ڪيو پيو وڃي يعني انجي شڪل ۽ ڊيزائن عام موٽر سائيڪلز واري آهي ، پر انجڻ پيٽرول بدران بيٽري تي هلندو. ان جي بيٽري چارج ڪريو ۽ بس هلي پئو. هن موجب مستقبل بجلي سان هلڻ واري ٽيڪنالاجي جو آهي ۽ ڪيترا ئي ملڪ هاڻِ سان ئي انجي تياري ڪري رهيا آهن ۽ ان لاءِ چين، جاپان ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون ٺهي رهيون آهن. عثمان شيخ ٻڌايو ته هن جي ڪمپني پيٽرول سان هلڻ واري روايتي موٽرسائيڪل جي پهريون کان ئي موجود ايڪو سسٽم سان فائدو کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته هن مقامي سطح تي اليڪٽرڪ بيٽري سسٽم تيار ڪيو آهي .

جيتريون چيني ڪمپنيون آيون انهن اهو( جاپاني) ڊيزائن استعمال ڪيو ڇو ته پاڪستان ۾ ان جو ايڪو سسٽم ۽ اسپيئر پارٽس موجود هئا. هن چيو ته اسان ڪنٽرولر، بيٽري مئنيجمينٽ سسٽم (بي ايم ايس)، چارجر، موٽر ۽ بيٽري پيڪ ڊيزائنون ڪيو ن آهن ۽ هتي اسيمبل ڪري رهيا آهيون. هن جهڙيون موٽرسائيڪلون تيار ڪرڻ واري هڪ ٻئي اداري ايم ايس گروپ جي چيئرمين چوڌري زاهد اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل جي خصوصيت ڪجهه هيئن ٻڌائي. “هن ۾ گيئر، ڪڪ، گيئر ليور، موبل آئل ۽ چين گراري سيٽ ڪجهه به نه آهي”. عثمان شيخ جو چوڻ هو ته سندن تيار ڪيل اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل جي رينج 70 ڪلوميٽرن تائين آهي ۽ انکي گهر يا آفيس ۾ پنجن ڪلاڪن تائين چارج ڪري سگهجي ٿو. جنهن بعد وري 70 ڪلوميٽر هلي ويندي. هن موجب ان موٽر سائيڪل جي قيمت في الحال 88000 اٺياسي هزار رکي وئي آهي جڏهن ته ان کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
پيٽرول بائيڪ به اليڪٽرڪ بائيڪ ٺهي سگهي ٿي ؟
عثمان شيخ جو اهو به چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي پيٽرول سان هلڻ واري موٽرسائيڪل کي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته اهو به ممڪن آهي. ڪنهن کي پنهنجي بائيڪ ۾ (اليڪٽرڪ) ڪٽ فٽ ڪرائڻي آهي ته اسان وٽ ان جو به حل موجود آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انجي اداري جيڪا اليڪٽرڪ ڪٽ تيار ڪئي آهي اها پاڪستاني بازار ۾ موجود جاپاني ڊيزائن واري موٽرسائيڪل کي سامهون رکندي ٺاهي وئي آهي ان جي لاءِ عام موٽر سائيڪل ۾ به ان کي فٽ ڪري سگهبو. هن جو چوڻ هو ته ايئن ڪرڻ جا خواهشمند ماڻهو قسطن تي به پنهنجي موجوده پيٽرول تي هلڻ واري موٽر سائيڪل اليڪٽرڪ بائيڪ ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن پنهنجي موٽر سائيڪل ۾ اليڪٽرڪ ڪٽ لڳرائڻ چاهيو ٿا ته انجي ماهوار قسط 5500 روپيه ٿيندي جيڪا هڪ سال تائين هلندي.
اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل بچت واري آهي؟
چوڌري زاهد جو چوڻ آهي ته اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل جي استعمال سان نه صرف پيٽرول ۽ ٻين خرچن کان ڇوٽڪارو حآصل ڪري سگهجي ٿو پر هي ماحول دوست به آهي.گرين ٽيڪنالوجي جي انفرادي بچت ۽ ماحول جي تحفظ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، هڪ ته هن ۾ دونهون، گوڙ شور وغيره ناهي. هنن چيو ته عام پيٽرول بائيڪ جيڪڏهن 50 ڪلوميٽر ايوريج ڏيندي آهي ته انجو ماهوار خرچ تقريبن چار هزار 4000 ايندو پر جيڪڏهن اليڪٽرڪ بائيڪ آهي ته انجو خرچو 500 روپيه ايندو.
پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي
تحريڪ انصاف جي حڪومت هلندڙ سال پاڪستان جي اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هيو جنهن تي وزارت ماحوليات ۽ وزارت صنعت ۽ پئداوار ڪم ڪري رهيون آهن. موسمي تبديلي تي وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو هيو ته سن 2030 تائين پاڪستان ۾ 30 سيڪڙو گاڏيون اليڪٽرڪ واريون هونديون جڏهن ته وزير اعظم عمران خان جي واپار بابت صلاحڪار عبد الرزاق دائود جو چوڻ آهي ته اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي کي موجوده آٽو پاليسي جو حصو بڻايو ويندو. پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون ٺاهڻ ۾ دلچسپي وٺڻ واري اسمبلرز حڪومت جي پاليسي جي انتظار ۾ آهن ان سلسلي ۾ ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ۾ شروعاتي رليف چاهين ٿا.چوڌري زاهد مطابق جڏهن ڪنهن نئين شئي يا ٽيڪنالوجي کي هٿي وٺرائڻي هوندي آهي ته ان لاءِ حڪومت سهولت ڏيندي آهي ۽ تعاون فراهم ڪندي آهي. )(بشڪريه بي بي سي اردو سروس، سنڌيڪار سليم ڪلهوڙو