پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ پوليس اهلڪارن جي اغوا تي ڳڻتي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ پوليس اهلڪارن جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام خلاف دهشتگردن جا خوفناڪ حملا جاري آهن، پاڪستاني عوام دهشتگردن هٿان وڏو نقصان ڀوڳيو آهي. ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي سبب متاثر ٿيل خاندانن سان همدردي آهي، دهشتگردي روڪڻ لاءِ پاڪستاني قيادت سان ڳالهين لاءِ پرعزم آهن. آمريڪي پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف سويلين ۽ فوجي صلاحيت وڌائڻ لاءِ مشاورت جاري آهي. ميٿيو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا ۾ سـِک شهرين کي پيش ايندڙ خطرن تي ڀارت کان جواب گھري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته روس جي نون اعلانن سان آمريڪا ۽ نيٽو کي ڪو خطرو ناهي، يوڪرين جنگ جي شروع کان ئي روس دنيا کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، يوڪرين سان انٽيليجنس شيئرنگ جاري رکندا. ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته آمريڪا کي پنهنجي نيوڪليئر پوزيشن ۾ تبديليءَ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو