پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي وئي آهي.هڪ بيان ۾ مزمل اسلم چيو ته شماريات واري اداري موجب آڪٽوبر ۾ صنعتي ترقي جي رفتار 0.2 سيڪڙو هئي جڏهن ته هلندڙ سال جي پهرين چئن مهينن ۾ صنعتي ترقي جي رفتار 0.6 سيڪڙو هئي.ڪي پي ڪي جي ناڻي واري صلاحڪار چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي وقت صنعتي ترقي 12 سيڪڙو جي شرح سان هلي رهي هئي. مزمل اسلم چيو ته ان وقت ايڪسپورٽ هلندي هئي ۽ روزگار به عروج تي هو پر هاڻي معيشت جو ڦيٿو جام ٿي ويو آهي، بيروزگاري انتها تي آهي ۽ ماڻهو ملڪ ڇڏي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو