پاڪستان ۾ لڳل باهه ٻين ملڪن تائين پکڙجي سگهي ٿي: اياز صادق

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته افغانستان دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهي، دنيا نوٽيس نه ورتو ته پاڪستان ۾ لڳل باهه مان پاڙيسري ملڪ به محفوظ نه رهي سگهندا.اسپيڪر اياز صادق هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا جي شاگرد ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ اسپيڪر قانونسازي، اهم قومي علاقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي نڪته کان آگاهه ڪيو.سردار اياز صادق آمريڪي يونيورسٽي جي وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان کي دهشتگردي ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، افغانستان جي زمين پاڪستان جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، افغانستان دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان عبوري حڪومت کي دهشتگرد تنظيمن جي خلاف شاهديون ڏئي چڪو آهي، افغان زمين جي پاڪستان جي خلاف استعمال جو معاملو گڏيل قومن ۾ به اٿاريو، اعليٰ آمريڪي عهديدارن کي به انهي ڳڻتي جوڳي صورتحال بابت آگاهي ڏني آهي.هن چيو ته دهشتگرد آمريڪا جو افغانستان ۾ ڇڏيل جديد ترين هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي باهه خطي جي ٻين ملڪن تائين پکڙجي سگهي ٿي، انهي باهه کان اسان جا پاڙيسري ملڪ به محفوظ نه رهندا، دنيا کي انهي جو نوٽيس وٺڻو پوندو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڳري قيمت ادا ڪئي آهي، قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز هن جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ حياتين جو نذرانو پيش ڪيو آهي.هن چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستان ڊگھي وقت تائين 4.6 ملين افغآن پناهگيرن جو بار کنيو آهي. اياز صادق چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ملڪن ۾ پهرين نمبر ۾ شامل آهي، 2022 ۾ موسمياتي تبديلين سبب تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اڄ اپوزيشن جي وڏي پارٽي حڪومت کي جعلي ۽ غيرقانوني قرار ڏئي ٿي، اپوزيشن، مخالف ڌر، چيئرمين پي اي سي، قائمه ڪميٽي سربراهي تي به ويٺل آهي، اپوزيشن صرف پوائنٽ اسڪورنگ ڪئي، هڪ دفعو به عوامي ۽ ملڪي مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون.هن چيو ته مون هميشه ايوان کي اڻڌريو ٿي هلايو، اپوزيشن کي حڪومت کان وڌيڪ ٽائيم ڏنو، پروڊڪشن آرڊرز تي هڪ قدم اڳيان وڌي فيصلو ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي اصل چهري کي نٿو ڏٺو وڃي، پاڪستان جي حقيقي سڃاڻپ جي خبر پاڪستان ۾ اچي پوءِ پوندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو