پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير عهدو سنڀالي ورتو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ مقرر نئين آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڊونلڊ بلوم عهدي جو حلف کنيو، هو پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ جلد اسلام آباد پهچندو. پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفير پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جو خواهشمند آهي ۽ پاڪستان سان وسيع تر تعاون کي هٿي وٺرائيندو. ان کان علاوه، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ هڪ بيان ۾ چيو ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ مضبوط ڀائيواري ۽ صحت، واپار، سيڙپڪاري ۽ صاف ماحول ۾ تعاون بهتر ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو