ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ مان واٽس ايپ هيڪ ٿيڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن، جنهن ۾ اهم شخصيتن کي به نشانو بڻايو ويو آهي.گذريل ڪجهه مهينن دوران ملڪ ۾ ڪيترن ئي صارفين واٽس ايپ هيڪ ٿيڻ جي شڪايت ڪئي آهي. ان حوالي سان 50 شهرين ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل ڪراچي ۾ واٽس ايپ هيڪ ٿيڻ جي شڪايت پڻ ڪئي آهي.شهرين کان علاوه اهم سماجي شخصيتن جا واٽس اپ به هيڪ ڪيا ويا آهن، جن ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي سينيئر جج جسٽس وجيه الدين احمد، سي پي ايل سي جي اڳوڻي سربراهه احمد چنائي ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شخصيتن جو به واٽس اپ هيڪ ٿيو آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل عامر نواز جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان سائبر ڪرائم سرڪل ڪراچي ۾ به ڪيتريون ئي شڪايتون مليون آهن.هن چيو ته مالي فراڊ ۾ ملوث جوابدار ئي اهو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اڪثر جوابدار ڏکڻ پنجاب ۾ ويهي مالي فراڊ ڪري رهيا آهن ۽ شهرين کان پئسا گهرن ٿا. جوابدار فون تي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ موجود ماڻهن کي ميسيج ڪري پئسا گهرن ٿا ۽ سادا شهري کين پئسا موڪلين ٿا.هن چيو ته اسان ڪيترن ئي شهرين جا واٽس اپ ميسيج حاصل ڪيا آهن.ان سلسلي ۾ سائبر ڪرائم سرڪل ملتان سان به رابطو ڪيو ويو آهي ۽ اسان انهن شڪايتن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.سائبر ڪرائم اختيارين جي مطابق، توهان جو 6 عددي رجسٽريشن ڪوڊ جيڪو ايس ايم ايس يا اي ميل ذريعي اچي ٿو ڪنهن سان حصيداري نه ڪريو، ٻه قدم جي تصديق کي فعال ڪريو، صرف انهن ماڻهن کي اجازت ڏيو جيڪي توهان ڄاڻو ٿا ته توهان جي پروفائل فوٽو ڏسڻ جي صورت ۾، جيڪڏهن ڪو توهان کي ڄاڻو ته توهان کان پئسا طلب ڪريو انهن کي تصديق ڪرڻ لاءِ ۽ ڪنهن به غير ضروري يا غير محفوظ لنڪ کي نه کوليو.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو