پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ غير اخلاقي ويب سائيٽن تائين رسائي جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ هر روز 2 ڪروڙ غير اخلاقي ويب سائيٽن تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.پي ٽي اي ذريعن موجب پاڪستان ۾ شهري وي پي اينز ذريعي پابندين کي نظرانداز ڪن ٿا، جيڪي پابندين کي نظرانداز ڪري فحش مواد تائين رسائي جي ڪوشش ڪندا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي اي 1 لک 1 هزار 83 جارحاڻي يو آر ايل بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب پي ٽي اي 8 لک 44 هزار 8 غير اخلاقي ويب سائيٽون بلاڪ ڪيون آهن، سرڪاري ادارا به اهڙين سائيٽن جي رپورٽ پي ٽي اي کي ڏين ٿا.پي ٽي اي کي غير اخلاقي مواد بابت انفرادي شڪايتون پڻ مليون آهن.ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي اي غير رجسٽرڊ وي پي اينز کي بلاڪ ڪرڻ شروع ڪيو هو، پي ٽي اي وي پي اينز جي وائيٽ لسٽنگ جو عمل تيز ڪرڻ چاهي ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته غير رجسٽرڊ ۽ غير قانوني وي پي اينز هڪ سيڪيورٽي خطرو آهي جيڪو پڻ غير قانوني مواد تائين رسائي جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو