’تازي مهم دوران پاڪستان ۾ 5 لک ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رهجي ويا‘

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان م تازو مڪمل ٿيل پوليو مهم دوران مختلف سببن جي ڪري 5 لک ٻار پوليو ويڪسين کان رهجي ويا آهن. اهڙو اظهار قومي سطح تي شروع ڪيل مهم جي رابطا ڪار ملڪ مختيار احمد عرب نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پوليو ويڪسين کان رهجي ويل ٻارن جا مختلف سبب آاهن. جن ۾ والدين پاران ويڪسينيشن کان انڪار ، ڏورانهن علائقن ۾ نه پهچي سگهڻ ۽ پوليو ورڪرز تي حملا شامل آهن. پاڪستان ۾ هن سال پوليو جا 48 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ بلوچستان مان 23، سنڌ ۾ 13، خيبرپختونخواهه (ڪي پي) مان 10، پنجاب ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي. ملڪ ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسن سبب حڪومت سڄي ملڪ ۾ 28 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين مهم شروع ڪئي جنهن ۾ ٽارگيٽ موجب 45 لک ٻارن کي ڦڙا پيارڻا هئا. هن وقت دنيا ۾ رڳو پاڪستان سميت 2 ملڪ آهن جتي پوليو جا ڪيس ختم نٿا ٿين. پوليو ختم نه ٿيڻ جا اهم سبب، غلط معلومات، ويڪسين کان انڪار، ۽ ويڙهاڪن پاران صحت جي ڪارڪنن تي حملا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو