پاڪ آسٽريليا پهرين ٽيسٽ سڀاڻي ٿيندي، ڪپتان ڇا ٿا چون؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ ٽي رانديگر نه هجڻ باوجود هو ان کي ڪمزور نه ٿا سمجهن. پيٽ ڪمنز هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پنڊي اسٽيڊيم جي پچ ڏسڻ کانپوءِ فائنل اليون  جي چونڊ ڪندو، ممڪن آهي ته ٻه اسپنر ۽ ٽي فاسٽ بالر هجن. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان پنڊي اسٽيڊيم جي وڪيٽ جو معائنو ڪيو ويو آهي. آسٽريلوي ڪپتان چيو ته پاڪستان وٽ ٽي اهم رانديگر ناهن پر پوءِ به ڪمزور نه چوندس. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيڊيم ۾ ڀرپور ميڙ جي سامهون کيڏڻ ۾ مزو ايندو آهي، سيڪيورٽي سبب ڪجهه مختلف نظر اچي رهيو آهي پر ٽاس کانپوءِ ڌيان ڪرڪيٽ تي هوندو.

File Photo

ٻئي پاسي بابر اعظم جو چوڻ آهي ته اسين ميزبان ٽيم کي ٽف ٽائيم ڏينداسين ۽ ڀرپور فائيٽ ڪنداسين. هن چيو ته سڀاڻي پچ ڏسڻ بعد ٽيم جو اعلان ڪبو. هوڏانهن موسميات کاتي چيو آهي ته 4 مارچ تي پهرين ٽيسٽ شروع ٿيڻ وقت موسم صاف آهي پر ميچ جي ٽئين ۽ چوٿين ڏينهن بارش ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو