پاڪ آمريڪا لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن: جوبائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن.آمريڪا ۾ پاڪستان جي نئين سفير رضوان سعيد شيخ صدر بائيڊن کي سفارتي سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي جوبائيڊن چيو ته آمريڪا چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ آهي.آمريڪي صدر جو بائيڊن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعاون کي ساراهيو.پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري اسان جي ترجيح آهي.رضوان سعيد شيخ جو چوڻ آهي ته پاڪستان متبادل توانائي، گرين ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو