اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڪيورٽي فورسز پاران اتر وزيرستان ۾ خارجي دهشتگردن جي دراندازيءَ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 16 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، اتر وزيرستان جي علائقي غلام خان ڪلي ۾ خارجي دهشتگردن دراندازيءَ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي ناڪام بڻائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 22 ۽ 23 مارچ جي وچ واري رات، خارجي دهشتگردن پاڪ-افغان سرحد تي دراندازيءَ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ سمورن 16 خارجي دهشتگردن کي ختم ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان لڳاتار افغان عبوري حڪومت کان مؤثر سرحدي انتظام جو مطالبو ڪري رهيو آهي، ۽ اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪندي. اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت دهشتگردن کي افغان سرزمين جي استعمال کان روڪيندي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي تحفظ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم شهباز شريف پاران دهشتگردن جي دراندازيءَ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ۽ سڄي قوم پنهنجي بهادر پاڪستاني فوج سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهي.
