پاڪ افغان سرحد جي قانوني حيثيت بابت دعويٰ حقيقت تبديل نه ٿا ڪري سگهن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد جي قانونيت بابت ڪوڙا دعوا حقيقتن کي تبديل نٿا ڪري سگهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان افغان عبوري نائب پرڏيهي وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪ افغان سرحد بابت جاگرافي، تاريخ ۽ عالمي قانون جي حقيقتن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته افغان ڌر کي پاڪستان جا حقيقي سيڪيورٽي خدشا دور ڪرڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو