اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ طورخم بارڊر ڪراسنگ 28 ڏينهن کان پوءِ پيادل ٽرئفڪ لاءِ کوليو ويو، اميگريشن اختيارين موجب، طورخم بارڊر ڪراسنگ تي 28 ڏينهن کان پوءِ پيادل ٽرئفڪ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي. افغانستان ويندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ هن وقت طورخم اميگريشن سيڪشن تي موجود آهي، جڏهن ته، صرف پاسپورٽ ويزا وارن مسافرن کي افغانستان سفر ڪرڻ جي اجازت آهي.آفيسرن موجب، روزانو سراسري طور تي 10,000 ماڻهو طورخم سرحد پار ڪري افغانستان ۾ داخل ٿين ٿا. اختيارين جو چوڻ آهي ته 21 فيبروري تي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب طورخم بارڊر ڪراسنگ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو هو، پر طورخم بارڊر کي ٽي ڏينهن اڳ واپار لاءِ کوليو ويو هو.پاڪ-افغان فورسز جي وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران، اميگريشن سسٽم تي حملو ٿيو، ۽ اميگريشن سسٽم ۾ ٽيڪنيڪل خرابي جي ڪري پيادل ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.
