ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايئرچيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 جو دورو ڪيو ۽ مختلف اسٽالز جو جائزو ورتو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فضائيه جي سربراهه ظهير احمد بابر سدهو نيشنل انڪيوبيشن سينٽر فار ايرو اسپيس ٽيڪنالاجي جي ذريعي مقامي صنعتن جي صلاحيت ۽ هنر کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو.آءِ ايس پي آر طرفان ٻڌايو ويو ته ظهير احمد بابر سدهو دوري جي دوران پرڏيهي وفد سان ملاقات به ڪئي، ملاقات ۾ ايرو اسپيس اوزارن جي خريد، وڪرو ۽ دفاعي صنعت ۾ پاڻ ڪفالت وڌائڻ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪ فضائيه جي سربراهه دفاعي صنعتي فريم ورڪ جي قيام جي حوصله افزائي ڪئي.پاڪ فضائيه جي سربراهه ظهير احمد بابر سدهو چيو ته فريم ورڪ جو مقصد ايرو سپيس شعبي جي ترقي ۾ مسئلا ختم ڪرڻ آهي، ايرو سپيس قدمن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ مقامي ۽ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي.آءِ ايس پي آر طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها نمائش دفاعي ۽ ايرو سپيس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي جو بهترين مظهر آهي جيڪا ملڪي ۽ پرڏيهي شرڪت ڪندڙن کي ڌيان ڇڪرائڻ جو سبب آهي.
عالمي فوجداري عدالت پاران نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري
بئريسٽر گوهر ۽ علي امين ذريعي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي آڇ ٿي
ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ 38 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي
آئيني بينچ جو پاڻمرادو نوٽيس، گم ٿيل ٻارن جي ڪيس ۾ رپورٽ طلب
افغانستان ۾ دهشتگردن کي ملندڙ حمايت تي ڳڻتي آهي: ممتاز زهريٰ
پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي گرائونڊ جي تقريب
ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي ڊي سيٽ
پاڪ فضائيه سربراهه جو آئيڊياز جو دورو، اسٽالز جو جائزو
سنڌ ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو
شھدادپور ۾ پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،بلاول ڀٽو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڀارتي سپر اسٽار آلو ارجن جي فلم 300 ڪروڙ رپيا
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان