راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج دشمن جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي، خيبرپختونخوا پوليس کي ٽيڪنيڪي سهڪار فراهم ڪندا رهنداسين. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا جو دورو ڪيو،ان دوران کيس سيڪيورٽي جي موجودا صورتحال، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشنز ۽ ترقياتي رٿائن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب، جنرل عاصم منير آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سندن تيارين ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي ته جيئن دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي سگهجي. آرمي چيف ملڪ جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن جي لازوال قربانين تي کين ڀيٽا پيش ڪئي. ان کانسواءِ آرمي چيف خيبرپختونخوا پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽيڪنيڪي مدد ۽ مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو. جنرل عاصم منير خيبرپختونخوا جي عوام جي امن جي بحالي ۽ ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊيولپمينٽ پلان تحت مختلف رٿائن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندن اهم ڪردار جو اعتراف پڻ ڪيو. هن خيبرپختونخوا جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪ فوج جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي، آرمي چيف قبائلي نمائندن جي دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪ فوج سان سهڪار تي سندن ٿورا مڃيا.
سنڌيار سکر 29 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 29 سيپٽمبر 2024ع
عدالتي سڌارن جو آئيني پيڪيج ۽ سلطنت عدليھ جو لھندڙ سج
پنجگور ۾ گهر تي فائرنگ، 7 مزدور مارجي ويا
ڪارساز سانحو: پ پ جو حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان
سڀ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن جو شڪار آهن: ناصر شاهه
برطانيا جي مختلف ريلوي اسٽيشنز تي سائبر حملا
تحريڪ انصاف جو سڀاڻي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ جو فيصلو
ڪمائڻ لاءِ ميڊيڪل پيپر ايجنٽن کي وڪرو ڪيو ويو: اياز لطيف
حسن نصرالله ساٿين سميت شهيد، نعيم قاسم عبوري اڳواڻ مقرر
پنڊي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، علائقو جنگ بڻيل
گورنر جو گنڊاپور کي خط، صوبائي حقن لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جي تجويز
شهباز ۽ بائيڊن وچ ۾ ملاقات، اڳواڻن طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار
آرمي چيف جي واپارين کي ايس آءِ ايف سي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت
پاڪستاني معيشت بهتري طرف گامزن آهي
وزيرستان ۾ هيليڪاپٽر ڪري تباه،6 اجل جو شڪار
هفتيوار مهانگائي 12.8 سيڪڙو تائين وڌي وئي
عورت ورڪر سان زيادتي جي تصديق،رپورٽ عدالت ۾ پيش
حيدرآباد ۾ پوليو سبب 29 مهينن جو ٻارڙو معذور
پ پ وفد جي مولانا سان ملاقات، پنهنجيون ترميمون آڻڻ جي تجويز