پاڪ فوج ۾ اهم عهدن تي ترقين ۽ پوسٽنگ جو فيصلو

اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) پاڪستاني فوج ۾ سينئر آفيسرن جي ترقين ۽ پوسٽنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 5 آفيسرن کي ٽاپ گريڊ ۾ بطور ليفٽيننٽ جنرل ترقي ڏئي کين نيون ذميواريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ترقي حاصل ڪندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل تبسم حميد، ليفٽيننٽ جنرل عامر نجم، ليفٽيننٽ جنرل ارشد نسيم، ليفٽيننٽ جنرل حسن خٽڪ ۽ ليفتيننٽ جنرل اطهر وقاص شامل آهن. جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل احسن گلريز جنهن کي گذريل سال ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي ملي هئي تنهن کي ملتان ۾ 2 ڪور جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪ فوج جي بنيادي فارميشن مان هڪ آهي. ان کان اڳ، هن ڊائريڪٽر جنرل جوائنٽ اسٽاف (ڊي جي جي ايس) طور ڪم ڪيو پئي. ليفٽيننٽ جنرل تبسم حبيب کي نئون ڊي جي جوائنٽ اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي، هو فوج جي مختلف برانچز ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن جو ڪم سنڀاليندو. سندس آخري اسائنمينٽ ڊي جي پرسپيڪٽو پلاننگ جي حيثيت سان هئي. ليفٽيننٽ جنرل عامر نجم نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) ۾ چيف انسٽرڪٽر جي حيثيت سان ڪم جاري رکندو، جيڪو اعليٰ فوجي تعليم تي ڌيان ڏيندو. ان دوران NDU جو موجوده صدر ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور ڊسمبر 2024ع ۾ ريٽائر ٿيڻ وارو آهي، جنهن بعد هو اهو عهدو سنڀاليندو، ليفٽيننٽ جنرل ارشد نسيم فوجي هيلٿ سروسز جي چارج سنڀاليندو سرجن جنرل جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. هي عهدو 4 مهينن کان خالي هو. ليفٽيننٽ جنرل حسن خٽڪ ڪوارٽر ماسٽر جنرل طور ڪم ڪندو، لاجسٽڪ ۽ سپلائي مئنيجمينٽ جو ذميوار هوندو. هو ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي جي جاءِ سنڀاليندو، جيڪو هاڻ سيڪريٽري دفاع آهي. ليفٽيننٽ جنرل اظهر وقاص کي راولپنڊي ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل (اي جي) بڻايو ويو آهي، هو فوج جي قانوني معاملن ، پرسنل پاليسين، ويلفيئر ۽ انساني وسيلن جي نگراني ڪندو. ان کان اڳ هو سنڌ ۾ ڊائريڪٽر جنرل رينجرز جي عهدي تي رهي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو