پاڪ ڀارت ميچ جو ڏينهن تبديل ٿيڻ جا امڪان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ ٻيهر شيڊيول ٿيڻ جو امڪان آهي.ڀارتي ميڊيا موجب 15 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ميچ نوراتري فيسٽيول سبب ٻيهر شيڊيول ٿي سگهي ٿي ڇو ته احمد آباد ۾ هندو برادري پنهنجون رسمون روايتي انداز ۾ ادا ڪري رهيون آهن.رپورٽن مطابق ڀارتي سڪيورٽي ادارن احمد آباد ميچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو به مشورو ڏنو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب سڪيورٽي ادارن مذهبي عيد جي موقعي تي هاءِ پروفائيل ميچ جي سڪيورٽي کي مشڪل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ان حوالي سان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ آفيسر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي ادارن جي مشوري کانپوءِ هاڻي مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون.جڏهن ته ان ئي معاملي تي هڪ ڀارتي صحافي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ آچر بدران 14 آڪٽوبر تي ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو