پاڻي ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو چوڻ آهي ته پاڻي زندگي جي علامت ۽ ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي.پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو ته وڌندڙ آبادي، موسمياتي تبديلي ۽ لاپرواهي جي ڪري پاڻي جا وسيلا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ به پاڻي ضايع ڪرڻ کان منع ڪئي آهي ۽ انهن تعليمات تي عمل ڪندي، اسان کي پاڻي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.مريم نواز اهو به چيو ته پاڻي جي صحيح استعمال ۽ تحفظ لاءِ عملي قدم ضروري آهن، ۽ ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ پاڻي کي ذميواري سان استعمال ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو