پاڻي جي مسئلي تي سنڌ متحد

نديم علي خواجه
هن وقت سنڌ ۾ ڪئنالن جي غير قانوني تعمير تي سنڌ جو هر فرد چاهي هن جو تعلق پيپلز پارٽي سان هجي، سنڌ ترقي پسند پارٽي سان هجي، جئي سنڌ قومي محاذ سان هجي، تحريڪ انصاف، عوامي تحريڪ، سول سوسائٽي يا ڪنهن به سياسي ۽ سماجي پارٽي سان هجي غير قانوني ڪئنالن جي خلاف احتجاج ۾ مصروف آھي، دلچسپ ڳالھ اها آھي ته سنڌ ۾ اقتدار ۾ هجڻ ۽ وفاق ۾ مسلم ليگ (نواز ) کي سهارو ڏيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ انهي منصوبي خلاف احتجاج ڪري رهي آھي، هڪ وفاقي پارٽي هجڻ باوجود پيپلز پارٽي جو اهو ئي موقف سامهون اچي رهيو آھي ته سنڌ جي وسيلن ۽ حقن تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪئي ويندي، سنڌ ۾ ڪئنالن جي مسئلي تي احتجاج زور وٺي رهيو آھي، سب کان پهرين قوم پرست پارٽين انهي مسئلي کي اٿاريو، جيڪو ميڊيا جي زينت بڻيو، خاص ڪري سنڌي اخبارن ۽ نيوز چينلن سنڌي قوم جو حق ادا ڪندي انهي خبر ۽ احتجاجن کي وڏي اهميت ڏني، ايتري حد تائين جو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڻ شاگردن سان گڏو گڏ شاگردياڻين پڻ انهي احتجاج ۾ ڀرپور حصو ورتو، ڪجھ يونيورسٽين ۾ ته انتظاميه ۽ شاگرد هڪٻئي جي آمهون سامهون پڻ ٿيا پر اهو احتجاج جاري رهيو ۽ جاري آھي، انهن احتجاجن دوران جڏهن مظاهرين پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ سندس اعلا قيادت تي تنقيد شروع ڪئي ته پيپلز پارٽي جي چئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلا سنڌ سائين مراد علي شاھ ۽ ڪابينا جي ٻين وزيرن اهو ئي موقف ڏنو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي وسيلن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪندي، سنڌ دشمن ڪنهن به منصوبي جي حمايت نه ڪئي ويندي، جنهن کان پوء پيپلز پارٽي پڻ احتجاج جو اعلان ڪندي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا، ڏٺو وڃي ته وفاقي پارٽي هجڻ باوجود پيپلز پارٽي سنڌ جي اهم ۽ مقبول پارٽي آھي، سنڌي قوم هميشه پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا آھن ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي اڪٽريت سان ڪامياب ڪيو آھي، هتي هڪ اهم مسئلو پاڻي جو آھي، جنهن ۾ سنڌ جي معيشت ۽ سنڌي قوم جو روزگار شامل آھي، ڇوته سنڌ صوبي جي اهم معيشت زراعت آھي، اسان وٽ اڪثريت هارين جي آھي، جيڪي زمينن تي فصل ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پالين ٿا، ڪجھ ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي سنڌ جي عظيم قوم پرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي پوٽي سائين زين شاھ هڪ وڊيو رکي آھي، جنهن ۾ سائين زين شاھ ڪئنالن بابت تفصيل جاري ڪيا آھن، سائين صوبي پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ ڪئنالن جي تعمير بابت اهم انڪشاف پڻ ڪيا آھن، جنهن جي وزير اعلا سنڌ پارانوضاحت پڻ جاري ڪئي ويئي آھي، ڪافي سال اڳ وفاق پاران پنجاب جي ريگستان کي سرسبز ڪرڻ جي لاء ڪالا باغ ڊيم جو منصوبو پڻ جوڙيوويو هو، جنهن کي سنڌ جي سخت احتجاج کان پوء رد ڪيو ويو، هن وقت ٻيهر پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻ ۽ پنجاب کي وڌيڪ خوشحال ڪرڻ لاء اهو منصوبو جوڙيو پيو وڃي، زرعي ماهرن جو چوڻ آھي ته جيڪڏهن درياء سنڌ مان سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته اهو امڪان آھي ته 2050 تائين ڪراچي سميت سنڌ جي لاڙ پٽي جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندي، سنڌ ۾ پهرين ئي پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آھي، سنڌ جي مشھور درياء جي مڇي جنهنکي پلو چيو ويندو آھي، تنهن جو نسل ختم ٿي رهيو آھي، سنڌي ۾ چوڻي آھي ته هڪ طرف مڻ مڇي هجي ۽ ٻئي طرف هڪ پائو پلو هجي ته پلي جي خوشبوء وڌيڪ هوندي، هر ماڻهو پلي کي پسند ڪندو، اڄڪلھ پلو ناياب ٿي ويو آھي، سنڌ ۾ فصلن جا اگھ گهٽ هجڻ سبب پهرين ئي آبادگارن ۽ هارين کي نقصان ٿي رهيو آھي، جيڪڏهن ڪئنال تعمير ڪري سنڌ کي پاڻي جي حق کان به محروم ڪيو ويو ته سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباھ ٿي ويندي، سنڌ ۾ بيروزگاري ۾ اضافو ٿي ويندو ۽ پوء تنگ آھي ته جنگ آھي جي شروعات ٿيندي، جيڪا سنڌ کي وڌيڪ تباھ ڪري ڇڏيندي، هاڻي اهو سنڌ حڪومت جو فرض آھي ته هو ڪيئن ٿي هن مونجهاري کي حل ڪري، ڇوته پيپلز پارٽي جي مستقبل جو دارو مڌار پڻ هن اهم مسئلي سان لاڳاپيل آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو