حيدر آباد (ويب ڊيسڪ)سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي، سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ آباد زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي،لاڙ سنڌ جي خوشحال ۽ شاھوڪار سامونڊي پٽي ۾ رُڃَ ۽ سُڃَ واڪا ڪرڻ لڳي، پاڻي جي کوٽ سامونڊي پٽي جي لکين ماڻهن جو سينو سُڪائي ڇڏيو. سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري پلو، ڃَرڪو، ڊانگريِ، جھينگو، ڦاڙَ ۽ ٻيون مڇيون ناياب بڻجڻ سان گڏ تتر، سَھو، ڦاڙَھو، پيڻُ جانور ۽ پن، ٻورُ، ڪُمَ،ڪوڻيون، ماکي کي مات ملي وئي، سامونڊي کاڌ ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا.انڊس ڊيلٽا ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سامونڊي پٽي اجڙڻ لڳي.
