پاڻ سان شادي ڪندڙ ٽڪ ٽاڪر آپگهات ڪري ڇڏيو

استنبول: (ويب ڊيسڪ) پاڻ سان شادي ڪندڙ 26 ورهين جي ترڪ ٽڪ ٽاڪر اپارٽمينٽ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو،عورت ٽڪ ٽاڪر بنا پارٽنر جي پاڻ سان شادي ڪري انٽرنيٽ تي شهرت حاصل ڪئي هئي، جنهن ترڪي ۾ عمارت جي پنجين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب عورت جي لاش وٽان خط به برآمد ٿيو آهي، نوٽ ۾ آخري پيغام لکيو ويو ته مان سڀ ڪجهه آزمايو پر مون کي نٿو لڳي ته مان وزن وڌائي سگهنديس، منهنجو وزن روز هڪ ڪلو جي حساب سان گهٽ ٿي رهيو آهي، مون کي ناهي خبر ته مان ڇا ڪيان، مون کي فوري طور وزن وڌائڻو آهي.رپورٽ موجب ڪبريٰ جي موت جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي.واضح رهي ته ڪبريٰ جا ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي 10 لک کان وڌيڪ فالوئرز آهن، جڏهن ته انسٽاگرام تي ٻه لک کان وڌيڪ فالوئرز آهن، هن ٽڪ ٽاڪ تي وزن وڌائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد بابت به ڪيتريون ئي پوسٽون ڪيون هيون.سال 2023 ۾ ڪبريٰ آيڪت ان وقت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن هن بنا پارٽنر جي”شادي“ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو