پرويز مشرف پاران سزاءِ موت وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت طرفان مليل سزاءِ موت واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. خصوصي عدالت جي فيصلي خلاف 65 صفحن تي مشتمل درخواست پرويز مشرف جي وڪيل بيريسٽر سلمان صفدر سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي. ان سان گڏ عدالت ۾ هڪ ٻي درخواست به داخل ڪئي وئي جنهن ۾ حتمي فيصلو ٻڌائڻ تائين خصوصي عدالت جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته هاءِ ڪورٽ جي ججن تي مشتمل خصوصي عدالت 17 ڊسمبر تي پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ سزاءِ موت ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. اڳوڻي صدر جي درخواست ۾ وفاق ۽ خصوصي عدالت کي ڌر بڻائيندي استدعا ڪئي وئي آهي ته خصوصي عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ داخل الڳ الڳ درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پرويز مشرف جو ٽرائل آئين ۽ فوجداري ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي ڪارروائي دوران خصوصي عدالت 6 ڀيرا آئين جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پرويز مشرف کي فيئر ٽرائل جو حق ناهي ڏنو ۽ خصوصي عدالت طرفان 5 ڀيرا موت جي سزا وارو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. جڏهن ته خصوصي عدالت جو فيصلو اسلامي رياست جي بنيادي اصول ۽ قرآن ۽ سنت جي به خلاف ڏنو ويو ۽ پرويز مشرف جي غير موجودگي ۾ ان کي وڪيل ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. درخواست ۾ اهو به اعتراض ڪيو ويو ته ان وقت جي حڪومت پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس لاءِ ڪابينا کان به منظوري نه ورتي. ياد رهي ته 13 جنوري تي لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي خصوصي عدالت جي جوڙجڪ کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو هو ته اڳوڻي صدر خلاف سنگين غداري ڪيس به قانون مطابق ناهي ٺاهيو ويو. وفاقي حڪومت ۽ پرويز مشرف جي وڪيلن مطابق خصوصي عدالت جي جوڙجڪ غيرآئيني قرار ڏيڻ کان پوءِ سزاءِ موت جو فيصلو به ڪالعدم سمجهيو ويندو. واضح رهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ موجود خصوصي عدالت جي 3 رڪني بينچ 17 ڊسمبر تي پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس جي مختصر فيصلي ۾ ان کي آرٽيڪل 6 تحت سزاءِ موت ٻڌائي هئي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار سيٺ، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪريم ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر تي مشتمل بينچ ان ڪيس جو فيصلو 2 هڪ جي اڪثريت سان ٻڌايو هو. جنهن کان پوءِ 19 ڊسمبر تي ان ڪيس جو 167 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ جسٽس نذر اڪبر جو 44 صفحي تي اختلافي نوٽ به شامل هيو. 27 ڊسمبر تي اڳوڻي جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف پنهنجي خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ اسلام آباد جي خصوصي عدالت جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو هو.  

پهنجو تبصرو موڪليو